اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ت??زيت جو ا??هار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قر??انيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ت??زيت جو ا??هار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو ا??هار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قر??اني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ شهيد جي قر??اني ۽ والد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀاءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قر??ان، 10 ڀاءُ هجون ها تڏهن به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قر??انيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو ا??هار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن