گڏيل ق??مون- 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل ق??من چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي نسل ڪشي سبب هڪ ملين (10 لک) کان وڌيڪ ٻار ذهني صحت جو شڪار آهن، کين نفسياتي علاج جي ضرورت آهي جنهن جو فنڊ دستياب ناهي. اها ڳالهه گڏيل ق??من جي ٻارن جي سار سنڀال بابت اداري يونيسيف جاري ڪيل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. يونيسيف چيو ته غزه جا ٻار اسرائيل جي شديد بمباري، خاندان ???? ماڻهن جي شهادتن ۽ ناڪه بندي وارن علائقن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال سبب خوف جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ 19 هزار فل??طي??ي ٻار يتيم ٿي چڪا آهن. دماغي صحت ج?? ماهرن خبردار ??يو آهي ته غزه ۾ ٻارن جي ذهني صحت تي مهينن کان ??اري اسرائيلي جنگ جو وڏو اثر نسلن تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان ??لاوه غزه ۾ فل??طي?? جي شهري دفاع واري کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل پنج مهينن دوران ??نگ سٽيل علائقن ۾ اسرائيلي حملن سبب 70 فل??طي??ي ٻار مارجي ويا آهن. هڪ تازي رپورٽ ۾ يونيسيف چيو آهي ته 2025ع جي پهرين هفتي دوران ??زه جي پٽي ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي تشدد ۾ 74 ٻار مارجي ويا. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل تشدد جي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ مسئلا کڻي آيو آهي جنهن ۾ مبينه طور تي 74 ٻار شهيد ٿيا آهن. هن نئين سال جي شروعات ۾ ٻارن جي ان ??نگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ??يو جيڪي يا ته مارجي ويا يا ته پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن. آڪٽوبر 2023ع کان ??سرائيل غزه جي پٽي ۾ 46 هزار 565 فل??طي??ين کي شهيد ??يو آهي جنهن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 109، 378 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل غزه ۾ خوراڪ ۽ بنيادي سامان ??ي فراهمي روڪي شهرين کي فاقه ڪشي کي هٿيار طورتي استعمال ڪري رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب 10 لک ٻار ذهني صحت جي بحران جو شڪار آهن: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ