مظفر آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان نئون پاڪستان تعمير ڪري رهيا آهيون، مل?? کي انڌيرن مان ڪڍي روشنين ۾ وٺي وڃي رهيا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان معاشي قوت بڻجي اڀرندو، مخالف اکيون کولين ڪبوتر وانگر اکيون بند نه ڪن، هاڻي هر مهيني نئين پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ٿي رهيو آهي. 969 ميگاواٽ جي نيلم ??هل?? پن بجلي منصوبي جي سرنگهه جي کوٽائي جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان 2013ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ توانائي سميت مل?? کي درپيش ٻين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيزي سان ڪوششن جو آغاز ڪيو ۽ نيلم ??هل?? پاور پراجيڪٽ جيڪو مشڪلاتن جو شڪار هو ان تي ??يا?? ڏنو. هن چيو ته مخالف روز ٽي وي تي اچي الزام تراشي ۽ گاريون ڏيندا آهن، جيتوڻيڪ انهن ئي ماڻهن قوم کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو، اسان سنجيدگي سان تر??ياتي ڪم شروع ڪيا، پهرين 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ صنعتون بند هيون، اڄ صنعتن کي وڏي مقدار ۾ بجلي ۽ گئس ملي رهي آهي، اسان ڪم ڪيو مخالفن جي گندي زبان جو جواب نه ڏنو.
اسان نئون پاڪستان تعمير ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena