اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ??ن رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو ب??ان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو ب????ن رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته حمد بن جاسم ??يو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن ??يو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آهي جنهن بابت هڪ سوال اٿي ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج