اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عاشوره محرم جي پرامن انعقاد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي صوبائي حڪومتن جي به??رين انتظامن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ??نه??جي هڪ بيان ۾ هن چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي پوليس سميت سيڪيورٽي جي سمورن ادارن ڏينهن رات خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن تي هو تحسين جا مستحق آهن. مريم اورنگزيب چيو ته امن امان جي قيام جي سلسلي ۾ عز??دارن ۽ شهرين جو تعاون به مثالي رهيو. هن چيو ته گڏيل اتحاد، ٻڌي ۽ تعاون سان هر مشڪل تي ضابطو آ??ي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عاشوره کان اڳ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي آپريٽس جي شاندار ڪاميابي ۽ صلاحيت جو ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ