اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا ج?? اجلاس ٿيو. امام ڪعبه ڊاڪٽر صالح بن حميد خصوصي دعوت تي شريڪ ٿيو ۽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي سعادت آهي جو وزيراعظم مون کي گهرايو ۽ اهو موقعو فراهم ڪيو ته آئون وفاقي ڪابينا کي مخاطب ٿي سگهان. آئون وزيراعظم جو ٿورائتو آهيا?? ۽ ??ئون خادم الحرمين شريفين، ولي عهد، سعودي عرب جي عالم?? ۽ ??وام پاران سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي پاڪستان اچڻ جو ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو آهي، آئون پاڪستان ??ي پنهنجو گهر سمجهان ٿو. امام ڪعبه چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط آهن، پاڪستان سدائين سعودي عرب جو س??ٿ ڏنو آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ سدائين سعودي عرب سان ??ڏ بيٺل رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام