اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (??يڪ??ڪ) 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي ۽ پشاور موڙ کان نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس جي لاءِ بنيادي ڍانچي ۽ لاڳاپيل اڏاوتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??يڪ??ڪ جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ??يڪ??ڪ 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ڊيم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي منظوري ڏني جيڪو هڪ ڊگهي مقصد وارو منصوبو آهي جنهن سان 800 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي ۽ ان جي پاڻي ذخيري جي گنجائش 1594 ملين مڪعب ميٽر هوندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد