اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڪرشماتي قيادت ۾ پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پ??ڪستان جي بانين جي نظرين تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايون ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل سمورن ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريون. صدر چيو ته ماضي جي ابتڙ آزادي جو ڏهاڙو هڪ مشڪل وقت ۾ ملهايو پيو وڃي ڇو ته پوري دنيا ڪوورنا وائرس کان ??تاثر ٿي آهي جنهن جا منفي اثر معيشت، صحت ۽ تع??يم سميت سمورن شعبن تي پيا آهن. هن چيو ته وبا سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن پ?? اسان ڏسون ٿا ته اسان جي قوم ان ??با تي سمارٽ لاڪ ڊائون جي شاندار حڪمت عملي تحت ضابطو آڻي ورتو آهي. هن چيو ته اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکون. صدر چيو ته ماضي ۾ به اسان آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي سخت ٻوڏن جي مسئلن ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ هن خوشي جي موقعي تي سمورن پ??ڪستانين جي ڪوششن کي داد ڏيان ??و جن قدرتي آفتن جي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي تاريخي ڏينهن تي آئون پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسن، صحت جي شعبي جي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ??و جن پنهنجي ڪورونا وبا دوران ??نهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن. وڌيڪ اهو ته آئون ميڊيا، عالم سڳورن، اين ڊي ايم اي، اين سي او سي، صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پ??ران آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ڪوويڊ 19 بابت ايس او پيز تي عملدرآمد جي ڪردار کي تس??يم ڪريان ??و. هن چيو ته احساس پروگرام مان ??اضح ٿئي ٿو ته جڏهن معاشري جي سمورن طبقن جي سهولت ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ته عوام متحد ٿئي ٿي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران 74 هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ