اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي عنصرن جي گڏيل مفادن جي ڪ??ئونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهي ماڻهو رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پوري دنيا جا اقتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن ??ڏه?? ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ هن وقت لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي معيشت تي تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز