اسلام آباد – 22 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ح??وم?? جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آه??، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪانفرنس جاري آه??، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري آهي.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری