اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو آهي ته معاشي آزادي کانسواءِ حقيقي آزادي جو تصور ممڪن نه آهي، پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو ويو، اسان کي قومي مفاد جي لاءِ ذاتي مفاد قربان ڪرڻو پوندو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود هي قوم ائٽمي طاقت بڻي، پاڪستاني قوم گڏجي دهشتگردي کي ??ڪست ڏني، اسان کي ??يندڙ نسلن جي مستقبل تي نظر رکڻي پوندي، پاليسين جي تسلسل، معاشي استحڪام سان سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. قوم کي ??طاب ۾ وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ت?? تاريخ گواهه آهي ته لکين مسلمانن جي خون سان لکيل داستان جو عنوان پاڪستان آهي. ملڪ جي 75 هين سالگرهه تي آئون تحريڪ آزادي جي انهن اڻ ڳڻين شهيدن کي ??راج عقيدت ۽ پوري دنيا ۾ آباد هر پاڪستاني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ت?? اڄ رڳو هڪ مبارڪباد ڪافي نه آهي، يقينن اسان هر سال وڏي ڌوم ڌام ۽ خو??ي سان آزادي جو ڏهاڙو، پاڪستان ڏهاڙو، قائد ۽ اقبال ڏهاڙو ملهايون ٿا پر حقيقت اها آهي ته اسان گذريل 75 سالن کان انهن ڏينهن کي ??ڳو ملهايو آهي پر انهن جي اصل مقصد کي ??ختيار ناهي ڪيو. پاڪستان کي ??هڙو نه بڻايو جنهن کي ڏسي پاڻ اسان جي دل اها گواهي ڏي ته قائد ۽ لکين شهيدن جا روح مطمئن ۽ آسوده هوندا. انهي لاءِ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منهنجي دل خو?? به آهي ۽ بي چين به آهي. هن چيو ت?? اڄ اسان کي کليل دل سان اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ت?? پنهنجي ٻارن، پنهنجي نئين نسل کي ??هو سڀ نه ڏئي سگهياسين جنهن جا اهي حقدار آهن. وزيراعظم چيو ت?? اها قوم جنهن تي الله تعاليٰ جي سدائين تمام گهڻي رحمت رهي جنهن کي قائداعظم جو عمل ۽ اقبال جي فڪر موجود آهي، پوءِ اها ڇو منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهي آهي، اسان انهن بحرانن ۾ ڇو ورتل آهيون جن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي. هن چيو ت?? سڀ کان اڳ آئون ان جذباتي بحران جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪو اڄ اسان کي ??رپيش آهي، اهو بحران خو??ي، خو??داري، خو??اعتمادي تي اسان جي يقين جو ڪمزور هجڻ آهي جنهن جا اثر اڄ اسان جي قومي وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جڏهن ته اسان جو قومي ڪردار جذبي، همت، محنت ۽ ڪري ڏيکارڻ سان عبارت آهي جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت پاڻ پاڪستان جو قيام آهي. اهو ئي اهو جذبو هو جيڪو علامه اقبال ستل ملت ۾ جاڳايو، جنهن جي مدد سان قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم الشان قيادت ان خو??ب کي ??عبير ۾ بدلائي ??ڏي?? ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ت?? تعمير پاڪستان جي ان مشن کي ??سان جي قومي ۽ سياسي قيادت جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي اڳتي وڌايو. هن چيو ت?? حقيقتن تان نظرون نه هٽايو، هوشمندي سان سچائي کي منهن ڏيو ۽ شديد مالي انتظامي ۽ هر قسم جي مسئلن جو صبر، استقامت ۽ دانشمندي سان مقابلو ڪريو.
معاشي آزادي کانسواءِ حقيقي آزادي جو تصور ممڪن نه آهي، پاڪستان لکين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو ويو: وزيراعظم شهباز شريف جو قوم کي خطاب
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ