ڊيره اسماعيل خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل هوندا جڏهن ته متاثرين کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، ٽانڪ ۾ 100 گهرن تي ٻڌل بستيءَ جو ٻن هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، گهرن جي تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏيڻ يا گهر تعمير ڪري ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آه??ون، برساتن جي ڪري ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ ننڍين ڊيمن جي تعمير ڪرڻي پوندي، پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا، متاثرين جي امداد شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين ۽ ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ کان متاٿر سگو پل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٽريفڪ جي بحالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رستن ۽ پلين جي بحالي جي لاءِ اين ايڇ اي ڏينهن رات ڪم ڪيو. ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آه??. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا. سگو پل جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ صورتحال جي جائزي جي لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آه??ان. گذريل ڀيري ٽانڪ ۽ ڊيره آيو هئس ته ان وقت هي علائقا تازي برساتن جي تباهي کان اڳ جي ريلي ۾ مشڪل مان نڪري رهيا هئا. پنهنجي ساٿين سان گڏ وڃي متاثرين کي تسلي ڏني هئ?? ته هن وقت مشڪل وقت آه?? ۽ قدرتي آفت آه?? پر الله جي مدد سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ادارا ۽ پاڪ فوج گڏجي پسند ناپسن?? ۽ ??ياست کان مٿانهون ٿي علائقي جي خدمت لاءِ ڪم ڪندا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، اسعد محمو?? ۽ ??مير مقام سميت صوبائي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سگهه موجب ڀرپور ڪم ڪيو. پاڪ فوج جا ٿورا م??ون ٿا جنهن هر جڳهه تي متاثرين کي مدد فراهم ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آه??. هن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين متاثر علائقن ۾ جيستائين نظر پوي ٿي پاڻي بيٺل آه??، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي آه??. سوات ۾ درياءَ جي اندر تعمير سنگين غلطي هئ??، اتي قطعي طور تي تعميرات جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها، اتي ٻوڏ ريلي تباهي ڪئي. لوئر ڪوهستان ۾ 5 ماڻهو 5 ڪلاڪن تائين تيز لهرن ۾ بيٺل رهيا ۽ الله کي پيارا ٿي ويا. هن چيو ته غذر ۾ ڳوٺن جو نالو نشان نه رهيو. هڪ خاندان جا 8 ماڻهو فوت ٿي ويا. هڪ ٻارڙي ۽ ان جي خاندان جو معذور ڀاتي زندهه بچيا، انهن کي يقين ڏياريو ته انهن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. اتان جي مقامي ماڻهن کان به اميد آه?? ته انهن جو خيال رکندا. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ تباهي ناهي ڏٺي. گذريل حڪومت وسيلن جي بربادي ڪئي. اسان کي سياست کي هڪ طرف رکي خدمت ڪرڻي آه??. وفاق ۾ حڪومت مخلوط آه??. هن حڪومت پهرين 28 ارب رپيا متاثر خاندانن جي لاءِ رکيا. 25 هزار رپيا في خاندان ڏنا پيا وڃن. انهن ۾ 20 ارب رپيا شفاف طريقي سان بي آءِ ايس پي جي ذريعي ورهائجي چڪا آه??. ٻوڏ جي تباهين جي وڌڻ سان حقيقتن جي بنياد تي ڪاٿو هاڻي 70 ارب رپين تائين پهچي ويو آه??. اهو مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آه?? باقي خرچ ان کانسواءِ آه??. ان کانسواءِ فوت ٿيندڙن جي لاءِ 10، 10 لک في ڪس ڏئي رهيا آه??ون. سنڌ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون. وفاقي حڪومت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ متاثرين جي لاءِ اهي وسيلا فراهم ڪري رهي آه??. صوبا به پنهنجي وسيلن مان ڏئي رهيا آه??. انهن کي به وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي جي ذريعي 2 لک خيما چئني صوبن کي نقصانن جي ڪاٿي موجب فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اين ايڇ اي، وزير ۽ مواصلات واري سيڪريٽري متاثر رستن جي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??. اسان اهو نه ڏٺو ته وفاق يا صوبن ڪنهن جو ڪم آه??. اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آه?? اتي وبائي مرضن جو چئلينج درپيش آه??. هتي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کربين رپيا گهربل هوندا. هي تمام وڏو چئلينج آه??. دوست ملڪن پاران امداد جي فراهمي تي انهن جا ٿورائتا آه??ون. متاثرين کي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين. ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. حقدار کي هر صورت ۾ ان جو حق ڏياريو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٽانڪ ۾ هڪ سرندي واري شخص جي مالي تعاون سان 2 ڪمرن تي ٻڌل 100 گهرن جو 2 هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿيو ته ان کي سمورن متاثر علائقن تائين وڌائينداسين. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان لکين گهر تباهه ٿيا آه??. انهن کي معاوضو ادا ڪرڻو آه??. جڏهن ته ان جي لاءِ اهو سوال اٿي رهيو آه?? ته گهرن جي تعمير جي لاءِ روڪ رقم ڏني وڃي يا گهر ٺاهي ڏنا وڃن. ان ۾ ڪجهه خدشا به آه??. ڪجهه آسانيون ۽ ڪجهه مشڪلاتون به آه??. وزيراعظم چيو ته موجوده ٻوڏ برسات جي ڪري آه??. چوماسي ۾ ٻوڏ دريائن ۾ طغياني جي ڪري اچي ٿي، ان جي لاءِ مستقل منصوبابندي ڪرڻي پوندي. ننڍا ڊيم ۽ پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا. ان صورتحال هر شيءَ کي تباهه ڪيو آه??. ان سان غربت سميت ڊگهي عرصي تائين اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته اهي سموريون صوبائي حڪومتن، ادارن، پاڪ فوج، فلاحي تنظيمن جا ٿورائتا آه??ون جيڪي متاثرين جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آه??. هن متاثرين کي چيو ته اهي صبر کان ڪم وٺن. آخر شخص ۽ گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجون ذميواريون نڀائيندي هر جڳهه تي وڃي رهيو آه??ان. متاثرين کي هر حال ۾ وسيلا فراهم ڪنداسين. اسان کي صبر، اتحا?? ۽ ??تفاق سان ڪم وٺڻو پوندو. انصاف ۽ شفافيت اسان جو مقصد هوندو. ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم اي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان وزيراعظم جا ٿورا م??ون ٿا جو هن مشڪل وقت ۾ اسان جي دادرسيءَ ڪئي ۽ پاڻ هتي آيو. اين ايڇ اي ۽ بين ادارن ڏينهن رات ڪم ڪيو جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. فوجي جوانن مقامي ماڻهن ۽ امدادي تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو، اسان انهن جي دل سان قدر ڪريون ٿا. متاثرين جي لاءِ کاڌو ۽ امداد پهچائي. هن چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ مستقل بنيادن تي منصوبابندي ۽ قدمن جي ضرورت آه??. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته تباهيون جاري رهنديون. مفتي محمود اسپتال ۾ پاڻي چڙهي ويو. آبادي کي بچائڻ جي لاءِ وڏا رستا ڪاٽيا ويا. اين ايڇ اي فوري ڪارروائي ڪري رستا بچايا. بلوچستان ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل آه??. سوات، دير، ڪوهستان ۾ تمام گهڻيون تباهيون ٿيون آه??. نقصانن جا سمورا تفصيل وزيراعظم آڏو رکيا آه?? ته جيئن دل کولي متاثرين جي مدد ڪري سگهجي.
ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل هوندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز