اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ??يس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪا جي عال??ي ترقي واري اداري (ي ??يس ايڊ) جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني جو جائزو وٺڻ لاءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي، اڄ وزير??عظ?? شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? ٻوڏ جي ڏس ۾ آمريڪا پاران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي سمانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان سپر فلڊ سان ٿيندڙ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو آمريڪي حڪومت جو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. وزير??عظ?? سمانٿا پاور کي پاڪستان ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان آگھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ته پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. پاڪستان حڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چئلينجز هوندا. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته ان بحران جي شدت جي ڪري پاڪستان پنهنجي طور تي انهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي مسلسل عال??ي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ان حوالي سان عالمي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي لاءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. يو ??يس ايڊ جي ايدمنسٽريٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته يو ??يس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪي انتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکندي. وزير??عظ?? ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊز ۾ اضافي تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ??ڪ مشڪل چئلينج آه??، جنهن جي لاءِ پاڪستان عالمي امداد جو منتظر آهي.
يو ايس ايڊ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي: سمانٿا پاور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد