دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خ??ن ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گ??ڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کا?? ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ گ??ڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لا??ِ تمام گ??ڻو تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کا?? بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کا?? اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.
وزيراعظم سان چيني پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی