اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ڪينٽربري جي آر?? بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ور??اي??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظ??ار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم بردا??ت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم آر?? بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آر?? بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آر?? بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏ??نهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.
پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی