اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، اسلامو فوبيا جي حوالي سان او آء?? سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، وزيراعطم عمران خان سدائين اسلامو فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ ن??ريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، او آء?? سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ ??جل??س مس??مان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مس??مان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙي جي قرارداد ڏيڍ ارب مس??مانن جي ترجماني آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏيڍ ارب مس??مانن جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آء?? سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ ??جل??س ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا ۽ ن??موس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??جل??س ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ ن??موس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسلامو فوبيا تي مس??مانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ۾ مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن تي حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ۾ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آء?? سي جي 2020ع جي ??جل??س ۾ اسان جي پرڏيهي وزير 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مس??مان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام جو ڪيس وڙهيو، مملڪتي وزير چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي وزيراعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو رويو ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو، آمريڪا جي ايوان جي نمائندن کان به قرارداد سامهون آئي، وزيراعظم عمران خان مس??مانن جي دلين جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو حقيقتن جي منافي آهي، عمران خان جي ڳالهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسلامو فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جتي جتي انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستان جي معاملي تي او آء?? سي جي ??جل??س جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سياسي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آهن جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مارچ جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي.
اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری