اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچا??ڻ ۽ سماجي اقتصادي ت??قي جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم جي آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم جو علائقي جي ??هرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي ??اءِ وزيراعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي ??اءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچا??ڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ت??قي کي يقيني بڻائڻ جي ??ر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي ??ربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ت??جيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي ??اءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي ??اءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وزيرستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي ??يارن، پنهنجي ??ارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تم??م وڏي جنگ وڙهي. وزيراعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.
قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب