اسلام آباد – 13 – مئي (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏا??ي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏا??ي تي شاهي خاندان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ?? مرحوم جي در??ن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات