اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن سکر ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته وزيراعظم اسلام آباد پهچڻ کان فوري پوءِ اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد، ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ تعاون جي لاءِ عالمي حصيدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ريسڪيو، ريليف، متاثرين ۾ روڪ رق?? ورهائڻ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. هن ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ هنگامي امداد جي صوبائي ادارن ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم اڄ جمعي ڏينهن سکر ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، متاثرين سان ملندو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات