اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گيلاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسا?? جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پ??ش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري?? جو سيد علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آزادي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مش?? جو نالو آهي جنه?? جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪشميرين کان آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد علي گيلاني کي سلام پ??ش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسا?? جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ سيد علي گيلاني سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
سيد علي گيلاني جو نعرو پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena