انقره-30 نومبر (اي پي پي)ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ پائيدار جنگ بندي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. چيني خابرو اداري موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سوشل ميڊيا ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چي?? ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ بندي کي مستقل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رابطن کي تيز ڪنداسين. هن چي?? ته اميد آهي ته اسان جا قدم مستقبل ۾ گهڻ رخي انداز ۾ جاري رهندا. هن چي?? ته ترڪ حڪومت غزه جي ماڻهن لاءِ انساني امداد جي پهچ جاري رکي آهي ۽ هن وقت تائين 12 امدادي جهاز ۽ هڪ جهاز مصر ??وڪ??يو آهي. هن چي?? ته اسان زخمي ماڻهن، خاص طور تي ڪينسر جي مريضن ۽ ٻارن کي ترڪي کڻي وڃي انهن جو علاج ڪري رهيا آهيون ۽ اسان غزه ۾ ترڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪنداسين جنهن لاءِ هنڌ جي ڳولا جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز