اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته معاشي ۽ سيڪيورٽي چ??لي??جن کي منهن ??يڻ جي لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن، سمورن اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آئي، ناڻي واڌ ۽ مالي خسارو گهٽ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو. وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي لنڊن کان وڊيولنڪ ذريعي خط??ب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس موجوده حڪومت کي چوٿين بجيٽ تيار ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جيڪا 3 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته هو قوم جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، 2013ع ۾ جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته معيشت جي صورتحال ڪمزور هئي، غيرمستحڪم مالي خساري، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ توانائي ۽ سيڪيورٽي چ??لي??جن کي منهن ??يڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي ۽ معاشي چ??لي??جن کي منهن ??يڻ جي لاءِ پاليسيون جوڙيون ۽ انهن تي ايمانداري سان عملدرآمد ڪيو ۽ اڄ ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪري رهيا آهيون.
ملڪ لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا