اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سارڪ جا مقصد حاصل ??رڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ سريلنڪا فرينڊشپ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ايسوسيئيشن جي صدر افتخار عزيز سان ملاقات ۾ چئي جنهن کي صدر طرفان تمغه خدمت جو اعزاز عطا ڪيو ويو آهي. ايسوسيئيشن جو نائب صدر ۽ سيڪريٽري جنرل به افتخار عزيز سان گڏ هو. وزيراعظم محمد نواز شريف پنه??جي سريلنڪن هم منصب رانيل وڪراما سنگهي سان عالمي اقتصاد?? فورم جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سارڪ جا مقصد حاصل ??رڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر