حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به ميٽرو بس سروس شروع ڪئي ويندي، عوام ووٽ گهرڻ لاءِ ايندڙن کان پڇي ته انهن عوام جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هو ڇا جي لاءِ ووٽ گهرڻ آيا آهن؟ 2008ع کان پهرين مشرف جي حڪومت هئي ۽ پوءِ 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اها ترقي ان دور ۾ ڇو ناهي ٿي. ورڪرز ڪنوينشن ک?? خطاب ??ندي وزيراعظم محمد نواز شريف ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي جوش ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته وٽس انهي جوش ۽ جذبي جي ساراهه لاءِ لفظ نه آهن. هن چيو ته آئون ڪارڪنن ک?? دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ هتي اچي ره??و هو ته رستي ۾ ڪيترائي نوجوان ۽ اسان جون ڀينرون واپس وڃي رهيا هئا ۽ هتي ڪافي رش هئي ۽ تمام گهڻا ماڻهو گڏ هئا، جنهن سبب اهي ماڻهو مجبور ٿي واپس وڃي رهيا هئا ۽ مون ک?? تمام گهڻو افسوس ٿي ره??و هو ته اهي جاءِ نه هجڻ سبب واپس ويا انهن سڀني کان معذرت ڪريان ٿو، آئون ٻيهر حيدرآباد ايندس ۽ انهن سڀني سان ملندس ۽ انهن سان دل جون ڳالهيون ڪندس پر ??ڄ پروگرام موجب طئي هو ته اڄ اسان هتي ڪنوينشن جي شڪل ۾ توهان سان ڳالهايون.
وزيراعظم پاران حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کڑک