اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 18 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب جنرل اسيمبلي جي سالياني سيشن جي خصوصي اهميت آهي ڇو ته ??ن ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي. ”ڌرتي تي سڀ جي لاءِ امن ۽ مهذب زندگي جي لاءِ جدوجهد“ هلندڙ سال جي سيشن جو موضوع آهي. ترجمان موجب سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج