اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??رط??نيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ??قرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ??وندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ