اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به صوبو هجي يا ان جو ڪو حصو، گهٽ ترقي يافه علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ سان احساس محرومي ختم ٿيندي، سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان اڳوڻي ??اٽ?? جي سيٽن جي تعداد ۾ اضافي جو فيصلو خوش آئنده آهي، ان سان اڳوڻي ??اٽ?? جي عوام کي اهو احساس ٿيندو ته انهن جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، قومي مالياتي ڪميشن ۾ ??اٽ?? کي 3 سيڪڙو اضافي حصو ڏيڻ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ??يو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا ??وبي ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2019ع تي بحث سهيڙيندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي ته ??اٽ?? جي حوالي سان ان اهم آئيني ترميم جي سڄي ايوان حمايت ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : números dupla sena