اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪ??شش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪ??هن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لا??ِ ??هن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آه?? ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.
نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ