اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??اڪ??تان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پار??ن جاري بيان موجب بحرين جي سفير وزيراعظم شهباز شر??ف کي بحرين جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي سفير ??اڪ??تان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين ??اڪ??تان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ??اڪ??تان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحرين جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ ??اڪ??تاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ مي??يڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ??نهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار ??اڪ??تاني رهن ٿا ۽ ??اڪ??تان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. ??اڪ??تان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil