اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻو?? سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اڄ خميس ڏي??هن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻو?? سٽيل علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال ت?? بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻو?? سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻو?? سٽيلن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ ا??هن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ ا??هن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏي??هن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.
صدر ڊاڪٽر ارف علوي پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada