جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته سندس ملڪ سوڊان واسين سان گڏ بيٺل آهي، هن ج??ه ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪ?? جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون ج??ري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذري??ي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان غير معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته اهي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي حمايت بنا سوڊان تيزي سان لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته دارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لاءِ مجبور آهن. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ ک??ن اڳ سوڊان اڳ ئي انساني بحران جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ ک??ن روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته بحران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذري??ي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ پناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات