قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي صدر ??لف??اح السيسي چيو آهي ته فلسطينين جي جبري بي دخلي جي ف??صلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي صدر چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فلسطينين کي اسرائيل جي رڻ پٽ نيگيو ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مصر جي صدر فلسطينين جي غزه م??ن جبري بي دخلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي ا??لهندي ڪناري کان اردن طرف جبري بي دخلي جو مثال قائم ٿي ويندو. مصر جي صدر جيڪو پناهگيرن جي غزه م??ن مصر جي رڻ پٽ سينا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت جي مطالبي کي رد ڪري چڪو آهي چيو ته ان سان فلسطيني رياست جي قيام جو مقصد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته م??ن مصر جي عوام کي چوندس ته هو ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن. مصر جي صدر چيو ته جيڪڏهن اسرائيل فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو فلسطينن جي هٿياربند گروپن طرفان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين فلسطيني پناهگيرن کي پنهنجي صحرا نيگيو ۾ موڪلي سگهي ٿو، جڏهن ته فلسطيني پناهگيرن کي مصر موڪلڻ خطرناڪ هوندو.
فسلطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس