ڪوالالمپور – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نه ڪنهن کي اين آر او ڏينداسين ۽ نه ئي چار??ر آف ڊيموڪريسي جي نالي تي مڪ مڪا جي اجازت ڏينداسين، مخالف ڌر کي حڪومت جي خاتمي جي تمام جلدي آهي، انهن کي ڊپ آهي جيتري دير عمران خان حڪومت ۾ هوندو انهن جي لاءِ خط??ي جي گهنٽي وڄندي رهندي، هر سال پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ڪئي وڃي ٿي، حڪومتي قدمن جي ڪري مني لانڊرنگ کي انتهائي مشڪل بڻائي ڇ??ينداسين. ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ پاڪستاني برادري کي خط??ب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماڻهن، ادارن ۽ قومن جي زندگي ۾ لاها ??اڙها ايندا رهندا آهن، لاها ??اڙها ان لاءِ ايندا آهن ڇو ته الله طرفان اهو هڪ پيغام هوندو آهي ته توهان غلطي ڪري ر??يا آهيو ان کي ٺيڪ ڪريو، جيڪي قومون پنهنجون غلطيون ٺيڪ نه ٿيون ڪن الله انهن کي برباد ڪري ڇ??ي ٿو پر جيڪا قوم پنهنجي غلطين مان سکي اصلاح جي رستي تي هلي ٿي اها مضبوط ٿئي ٿي.
نه اين آر او ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي اجازت ڏينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری