اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادا??ن جو تح??ظ اسان جي ??مي??اري آهي، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع لاءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪيا آهن اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيرا??ظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادا??ن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ??مي??اراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تح??ظ اولين ترجيح ۽ ??مي??اري آهي، هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي.
وزيراعظم ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا