اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحو??يا??ي تبديلين جا ذميوار آهن، دنيا کي ماحو??يا?? جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو، 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي، 2023ع تائين اٽل هڪ ارب تمر جا وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته ماحو??يا??ي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ان سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحو??يا??ي تبديلين جا ذميوار آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ماحو??يا??ي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سخت موسمياتي تقدرتي آفتون آيون آهن جنهن سان 3.8 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چي?? ته حڪومت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو. 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي. هن چي?? ته اسان 24 سئو ميگاواٽ جي ڪوئلي جي منصوبن کي ختم ڪيو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي 37 سئو ميگاواٽ پن بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هاني ملڪ ۾ ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جو ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو. اسان فطرت تي ٻڌل هل تي ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هن چي?? ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي مينگروز پوکيا پيا وڃن، 2023ع تائين اٽڪل هڪ ارب مينگروز جا وڻ لڳايا ويندا. تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چي?? ته ڪورونا وبا دوران اسان نيشنل پارڪس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ماحو??يا?? جي تحفظ بابت 85 هزار نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ايندڙ سال 2 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. عمران خان چي?? ته اسان بنجر زمينن کي آباد ڪري رهيا آهيون. زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي ل??ءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چي?? ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو ماحو??يا??ي تبديلين کان تحفظ جي ل??ءِ 44 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جنهن کي عالمي بئنڪ ساراهيو آهي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ وارو نمبر ون ملڪ قرار ڏنو آهي جنهن پنهنجي ترقياتي سيڙپڪاري ماحو??يا?? طرف منتقل ڪئي آهي. هن چي?? ته هڪ گرين بانڊز آهي جنهن سان پن بجلي منصوبي جي ل??ءِ 5 سئو ملين ڊالر گڏ ڪيا. ٻيو بليو بانڊز آهي عالمي بئنڪ مينگروز ج?? ويليو ايشن ڪرير هيو آهي، انرجي ٽرانزيشن جو نظام جوڙيو آهي. هن چي?? ته انسانيت جو بحران درپيش آهي. عالمي گرمي پد ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي، دنيا کي ماحو??يا?? جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. موسمياتيت بديلين جي ڪري سڄي دنيا ۾ گليشيئر تيزي سان پگهڙجي رهيا آهن، اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان سميت هماليه جي ويجهو رهندڙ ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن. گذريل سالن ۾ آسٽري??يا?? ڪيلي فورنيا سميت ٻين ملڪن ۾ غيرمتوقع ٻوڏ آئي آهي.
دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم