اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ امدادي س??ما?? جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي ??ي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ??يم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي س??ما?? ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو س??ما?? پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولين?? رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي س??ما?? يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ??يم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي س??ما?? فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪر??ن حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. س??ما?? جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.
يوڪرين لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس