اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيرا??ظم شهباز شريف سمورن وفاقي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم ناڻي واري وفاقي وز??ر، ??رب?? جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وز??ر، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وز??ر، مواصلات واري وز??ر، توانائي واري وز??ر، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيرا??ظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ??ار??هيو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيرا??ظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔