اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي سا?? عالمي سطح ??ي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سا?? به پيادل سفر ڪري آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان ??و مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل زاده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل زاده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخواست ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهيان، پيادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آهي.
صدر سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena