اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي ??زي??اعظم لي چ??انگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هئي جنهن ۾ پاڪ چين س??اب??ار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اجاگر ڪيو ويو. شهباز شريف چيني ??زي??اعظم کي ان عهدي جي لاءِ ان جي تازي چ??نڊجڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو چيني قوم جي گهري اعتماد ۽ عوامي خدمت ۾ ان جي ڪيترين ئي ڪاميابين سان پيدا ٿيندڙ ان تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سدا بهار حصيدارن ۽ ويجهي دوستن جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پرامن ترقي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي مثبت عنصر طور ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي يقين ظ??هر ڪيو ته چين ترقي ۽ بحالي طرف پنهنجي سفر ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪندو رهندو. ??زي??اعظم چين جي بنيادي مسئلن بشمول ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چ??ن جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي حمايت تي چ??ن جا ٿورا مڃيا. چيني ??زي??اعظم چين جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي ترقي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته س??اب??ار دوست جي حيثيت سان چين پاڪستان سان هر وقت گڏ بيٺل رهندو. نومبر 2022ع ۾ ??زي??اعظم جي چ??ن جي دوري ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت سان وسيع ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria