اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگ??و ياماڊا سان مُلاقات ??ري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌر??ن پاڪستان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد جي جاپاني هم منصب سان مُلاقات، ٻطرفي سياسي مشاورت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج