اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شر??عات سڀاڻي جمعي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ??ني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ا?? کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا ا??ل آهن، ان سهولت م??ن فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں