پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽت??ئي آئي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررا??م ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب نگران وزير??عظ?? جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران وزير??عظ?? کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سان بريفن?? ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران وزير??عظ?? کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفن?? ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزير??عظ?? چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪر?? آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽت??ئي آئي آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگران وزير??عظ?? زور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکي??ئي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررا??م ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزير??عظ?? چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران وزير??عظ?? خيبرپختونخواهه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير ??عظ?? خان، نگران صوب??ئي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش