گڏيل قومون- 19 مئي (اي پي پي)پاڪستان آفتن جي خطر?? کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ??ي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثر?? کي فوري خطرن کان بچائڻ لاءِ تيز رفتاري سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪارروايون ڪيون. اين ڊي ايم اي چيئ??مي?? ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت وڏن مالي چئلينجن باوجود ٻوڏ متاثر ماڻه?? کي فوري خطرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئ??مي?? سينڊائي فريم ورڪ فار ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن 30 – 2015ع تي نظرثاني لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ 17 سئو فوتگين سان گڏوگڏ ملڪ جو چوٿون حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب ٿيل نقصان 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، اهڙي طرح پاڪستا?? کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پنهنجي منصوب?? کي عملي جامو پارائڻ ۾ هڪ مشڪل چئلينج درپيش آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي فوج، خاص طور تي فوج جي قيادت ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪاررواين سان بحالي جي شروعاتي مرحلي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ اثرن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو. هن ان موقعي تي گلوبل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فنڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ان حوالي سان علائقائي سطح تي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جي ضرورت?? کي ماحولياتي مالي مدد کان ڌار ڪري سگهجي. هن نمائند?? کي ٻڌايو ته پاڪستان زلزلي سبب متاثر ترڪ?? ۽ ??ام جي لاءِ مدد جو هٿ وڌايو ۽ 10 هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان فضائي، زمين?? ۽ ??امونڊي رستن ذريعي روانو ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سينڊائي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ان موقعي تي گڏيل معلومات ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ڪمزور ملڪ?? کي وقت کان اڳ وارننگ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران جنرل اسيمبلي کي خطاب، گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena