واشنگٽن-04 جنوري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي ايران جي شهر ڪرمان ۾ جنرل قاسم سليمان جي ورسيءَ جي تقريب ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۽ لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بير??ت ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ آمريڪا جي ملوث هئڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي رشيا ٽوڊي مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صحافين کي ٻُڌايو ته ايران جي شهر ڪرمان ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۽ بير??ت ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پهرين ڳالهه ته اها آهي ته آمريڪا ڪنهن به طرح ڪرمان ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ ملوث نه هو ۽ ٻي ڳالهه ته ا??ان وٽ اهو يقين ڪرڻ جي ڪا وجهه ناهي ته ا??رائيل ان ڌمڪان ۾ ملوث هو. ترجمان بيروت جي ڀرپاسي علائقن ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي جي ملوث هئڻ کان به انڪ??ر ڪيو. هوڏانهن ح??ب الله سان گڏوگڏ لبناني سيڪيورٽي عملدارن به بير??ت ۾ ٿيل ڊرون حملي جو الزام اسرائيل تي لاڳو ڪيو. فرانس 24 مطابق ايراني صدر جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف فار پوليٽيڪل افيئرز محمد جمشيري ايڪس تي جاري بيان ۾ ڪرمان ۾ ٿيل ڌماڪن جي ذميواري آمريڪا ۽ اسرائيل تي لاڳو ڪئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران ايران ۾ بم ڌماڪن ۽ بيروت ۾ ڊرون حملي ۾ ملوث هئڻ جي الزامن جي ترديد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ