واشنگٽن -10 سيپٽمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ??مر??ڪي ڪانگريس جي ميمبر اليگزينڊر گرين کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اهم اعزاز ستاره خدمت سان نوازيو. هن کي اهو ايوارڊ پاڪستاني سفارتخاني ۾ گذريل ڏينهن منعقد هڪ خاص تقريب ۾ ڏنو ويو. تقريب ۾ ڪانگريس ميمبر رينڊي ويبر، هنري ڪيولر، اڳوڻي ڪانگريسي ميمبر نڪ ليمپسن، ٽيڪساس اسٽيٽ جي نمائندي سليمان لالاڻي، ٽيڪساس ۽ واشنگٽن ميٽرو پوليٽن ايريا مان سفارتڪارن ۽ مشهور شخصيتن، پاڪستان ڄاون ??مر??ڪي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هتي هڪ غير معمولي شخصيت جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آ??يون جنهن جي شراڪت سان پاڪستان ۽ ??مر??ڪا وچ ۾ دوستي کي نمايان طور تي مضبوط ??يو ويو آهي. هن چيو ته مختلف فورمز تي پاڪستان جي مثبت تاثر کي هٿي ڏيڻ لاءِ اوهان جي اڻٿڪ ڪوششن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??يو آهي. هن 2022ع ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ دوران ??مر??ڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي چيو ته هن پاڪستا??ي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نه رڳو پاڪستان جو دورو ??يو پر ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ ??مر??ڪي ڪانگريس ۾ فوري امداد جي به حمايت ڪئي. ان موقعي تي ??مر??ڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين ان اعزاز لاءِ پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ان کي ٻن عظيم قومن وچ ۾ دوستي جو هٿ وڌائڻ جو تسلسل سمجهي ٿو. هن چيو ته مان پاڪستا??ي عوام ۽ ??مر??ڪا جي ماڻهن وچ ۾ ڪنهن به قسم جو وڇوٽي نه ٿو چاهيان، اسان وچ ۾ ڪا به وڇوٽي ناهي ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين، اسان ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون آهن ۽ هڪ ٻئي لاءِ اسان جي ضرورت تمام گهڻي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام وچ ۾ لاڳاپا جاري رکنداسين ۽ اهو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان اچڻ لاءِ بي چين آهيان. پاڪستاني سفير خطي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي خدمتن ۽ پاڪستان انڊيورنگ اسسٽنس اينڊ ڪ آپريشن انهينسمينٽ ايڪٽ 2009 جهڙي اهم قانون سازي جي قدمن لاءِ ان جي حمايت کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??مر??ڪا وچ ۾ گڏيل قدمن، گڏيل احترام ۽ گڏيل نظرين تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آ??ن. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڪيترن محاذن، دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن عالم چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ??يو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته اسان جي شراڪتداري جي مضبوطي عوام سان عوام وچ ۾ مضبوط رابطن ۾ آهي.
آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ستاره خدمت سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج