گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي نائب نمائندي دمتري پوليانسڪي چيو آھي ته اسرائيل ا??ن جي ڳالھين کي ع??لم?? برادري کي گمراھه ڪرڻ ۽ غزه ۾ پنھنجي حقيقي ڏوهه کي دنيا کان لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري ر??يو آھي. گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائون??ل سان خطاب ۾ روسي نمائندي اسرائيلي حڪومت تي الزام لڳايو ته ھو ضد سان گڏ فوجي مسئلي جو حل ڳولهي ڪري ر??يو آھي ۽ غزه ۾ جاري پنھنجي فوجي ڪارروائين جي حوالي سان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ر??يو آھي. ھن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ اسرائيلي عوام ٻئي ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته غزه ۾ جاري جنگ جو حل صرف ڳالھين سان ئي ممڪن آھي جڏھن ته بدقسمتي سان اسرائيلي قيادت ڳالھين کي ع??لم?? برادري جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ اسموڪ اسڪرين جي طور تي استعمال ڪري ر??يو آھي. ڏکڻ غزه ۾ ھڪ سرنگهه مان 6 مغوين، جن ۾ ھڪ روسي شھري پڻ موجود ھو، جا لاش ملڻ جو ذڪر ڪندي ??ن مغوين جي فوت ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته غزه ۾ اسرائيلي آپريشن دوران مغوين جي زنده بچڻ جا امڪان گھٽ آھن. ان موقعي تي سلامتي ڪائون??ل سان خطاب ۾ گڏيل قو??ن جي اختيارين سمورن مغوين جي آزادي ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
اسرائيل امن ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي: روس
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج