اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ان ??ان لاڳاپيل پراجيڪٽس ٻنهي ملڪن جي عوامي لاڳاپن جا عڪاس آهن. هن اها ڳا??هه چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير زينگ زيائو سونگ سان ڳا??هائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي ٺوس معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪيو آهي. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 15 هزار اهلڪا??ن تي ٻڌل ملٽري ۽ سويلين آرمڊ فورسز جي هڪ خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری