اسڪردو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رڳو نعرن ۽ دعوائن تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، اسان نه رڳو منصوبا شروع ڪريون ٿا پر انهن کي پڄاڻي تائين پهچايون ٿا، جمهوريت جي ت??لس?? ۽ حڪومتن جي مدي پور ٿيڻ سان ئي عوام جا مسئلا حل ٿيندا، گلگت ??لتستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي افتتاح ۽ گلگت ??سڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ جي موقعي تي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. گلگت ??لتستان جو گورنر مير غضنفر علي، گلگت ??لتستان جو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر، مواصلات وارو وزير حا??ظ عبدالڪريم، مملڪتي وزير جنيد انوار چوڌري، گلگت ??لتستان ڪائونسل، گلگت ??لتستان قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ علائقي جي اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نعرن نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا