اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، معيشت جي اس??حڪ??م لاءِ امن ۽ سياسي اس??حڪ??م ضروري آهي، اسان چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط هجن، انهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، آزاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو بيانيو آهي، مخالف ڌر کي اهڙو بيانيو نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪورونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي و??ا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي اس??حڪ??م گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمبرن پاران پشآور ۾ ده??تگردي جي و??قعي جي حوالي سان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ڪيو، وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ ده??تگردي جي و??قعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مذمت ڪئي و??ي آهي، وزيراعظم به ان حوالي سان پنهنجو بيان جاري ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوالي سان اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ويو آهي، گستاخي رسول ﷺ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.
مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی