اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخالف ڌر سان يا مخالف ڌر کانسواءِ ??وا?? جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهوريت جا دعويدار هر معامل?? کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس دا??ل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي ??وا?? جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت ??وا?? جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو ت??فظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مخالف ڌر پاران بائيڪاٽ غيرذميواراڻي سياست آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ